ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عيد تي شهر ۾ هڪ لک 44 هزار ٽن، جڏهن ته لاهور ۾ رڳو 46 هزار ٽن ڪچرو کنيو ويو، جيترو وڏو لاهور آهي ايترو ته اسان جو گلستان جوهر آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي مسئلا حل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن پر 45 سالن جو بگاڙ فوري طور ختم نٿو ٿي سگهي، يوسي سطح تي ترقياتي فنڊن جي رقم 5 لک رپين مان وڌائي 12 لک ڪئي وئي آهي، ڪي فور لاءِ وفاق کي درخواست ڪندس ته جلد مسئلو حل ڪيو.
هن چيو ته ٽن ڏينهن کان وزيراعليٰ صاحبه ۽ ان جي اطلاعات واري وزير پريس ڪانفرنس ڪري رهيون آهن، اسان ڪم ڪيو ۽ مخالف به تعريف ڪري رهيا آهن، جيترو وڏو لاهور شهر آهي ان کان وڏو ته اسان جو گلستان جوهر آهي.
murtazawahab ppp karachi