اڳوڻي مڙس شهروز سان ٻيهر شادي جي سوال تي سائرا ڪهڙو جواب ڏنو؟

پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل سائرا شهروز کان هڪ مداح اڳوڻي مڙس اداڪار شهروز سبزواري سان ٻيهر شادي بابت سوال ڪيو.
انسٽاگرام تي هڪ اسڪرين شارٽ گهڻو وائرل آهي، جنهن ۾ مرال زاهد نالي عورت اداڪارا کان شادي بابت سوال ڪيو.
ڄاڻايل عورت سوال ڪيو ته ڇا اوهان شهروز سان ٻيهر شادي ڪري سگهو ٿا؟
سائرا مداح کي مختصر جواب ڏنو”نهين“،گڏو گڏ اداڪارا جذبات سان ڀرپور هڪ ايموجي به رکيو.
سوشل ميڊيا تي اهو اسڪرين شارٽ وائرل ٿيڻ بعد ڪجهه واهپيدارن طرفان اداڪارا تي تنقيد ڪئي وئي ته هن کي اهڙي فضول سوال جو جواب ڏيڻ جي ضرورت نه هئي.
گڏوگڏ ڪيترن ئي واهپيدارن سوال ڪندڙ عورت تي تنقيد ڪندي لکيو ته اهڙي بيڪار سوال جو ڪو جواز نه هو.
Showbiz Pakistan Actress

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.