ٽولن ۾ ورهايل پاڪستاني ٽيم جو احتساب ڪيو وڃي: احمد شهزاد جو مطالبو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اوپنر احمد شهزاد هڪ ڀيرو وري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مئنيجينٽ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ احمد شهزاد لکيو ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شرم جوڳي ڪارڪردگي کانپوءِ ٽولن ۾ ورهايل ٽيم جو احتساب نه ٿيو ۽ جيڪڏهن اڃا به ڊوميسٽڪ پليئرز کي موقعو نه ڏنو ويو ته جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا رانديگر باقي بچيا آهن اِهي به ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندا.
ٽيسٽ ڪرڪيٽر سوال اُٿاريندي چيو ته ان سموري صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟
پنهنجي پوسٽ ۾ هن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ٽاپ پرفامرز جي نالا لکيا ۽ پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن علائقائي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ باوجود انهن رانديگرن جي ٽيم ۾ جڳهه نٿي ٺهي ته کين صاف صاف چئي ڇڏيو اوهان هليا وڃو ۽ وڃي محنت مزدوري ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.