کيبر (ويب ڊيسڪ) کيبر وٽ قومي شاهراهه تي اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو.
قاضي احمد جي ڳوٺ مير محمد لاکو جو رھواسي 70 سالن جو پيرسن رحمت الله لاکو قومي شاھراھه جي ڪناري تي بيٺل هو ته کيس اڻڄاتل گاڏي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
پوليس فوتي جو لاش تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو، جتي لاش کي اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي.
پوليس موجب فوتي جو تعلق قاضي احمد جي ڳوٺ مير محمد لاکو سان آهي، کيس اڻڄاتل گاڏي ٽڪر هنيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.
You might also like