ميان صاحب (رپورٽ: مظفر ملڪ) ميان صاحب ڀرسان ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 ٻار فوت، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
لوڊرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي بخش جعفري ۾ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر تي ويٺل 13 ورهين جو منير پٽ ڪمال جعفري، 11 ورهين جو علي گل پٽ ڪمال جعفري ۽ 9 ورهين جي سڪينه ڌيءُ جبل جعفري فوت ٿي وئي.
حادثي ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور گل مُحمد پٽ گهرام جعفري، نينگر علي دوست، عبداللطيف، عمران سخت زخمي ٿي پيا، جن کي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوتي ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.
Prev Post
					You might also like