ڪنڊيارو: خانواهڻ ڀرسان 10 ورهين جو ٻار شاخ ۾ ٻڏي فوت

ڪنڊيارو (رپورٽر) ڪنڊيارو جي علائقي خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ ۾ 10 ورهين جو نينگر شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ ديهات ڀرسان گذرندڙ نو لکي شاخ ۾ ڏهن ورهين جو نينگر پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو، مقامي ٽوٻن مسلسل چئن ڪلاڪن جي ڳولا کانپوءِ ٻارڙي جو لاش پاڻي مان ڪڍيو.
فوتي ٻار جي سڃاڻپ ڳوٺ گاجي خان کوکر جي رهواسي مسعود علي پٽ شمن علي لانگاهه طور ٿي، جنهن جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.