اتر وزيرستان ۾ عيد جون رونقون ٻيڻيون، 3 ڏينهن ۾ 15 لک سياح رزمڪ پهتا

اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي تعلقي رزمڪ ۾ سياحن جي آمد سان عيد جون رونقون ٻيڻيون ٿي ويون، سياحن جو وڏو انگ اتر وزيرستان جي سياحتي ماڳن تي پهتو.
ضلعي انتظاميا موجب ٽن ڏينهن دوران تقريبن 15 لک سياح رزمڪ پهتا، سياحن جي ايڏي وڏي انگ ۾ آمد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته علائقي ۾ امن بحال ٿي چڪو آهي.
ٽن ڏينهن دوران 23 هزار گاڏيون ۽ 1500 موٽر سائيڪلون رزمڪ ۾ داخل ٿيون، ٻارن توڙي وڏن قدرتي حسن سان مالامال ان علائقي ۾ سٺو وقت گذاريو.
ان موقعي تي سيڪيورٽي جا بهتر انتظاميا ڪيا ويا، سياحن سهولتون فراهم ڪرڻ تي فورسز جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.