عيد جي آخري ڏينهن به جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري، ڪاسائين جا نخرا ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) عيدالاضحيٰ جي ٽئين ۽ موڪل جي آخري ڏينهن به سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي سموري ملڪ ۾ جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري آهي.
عيد جي شروعاتي ٻن ڏينهن دوران پنهنجي مرضي جي ريٽ جي گهر ڪندڙ ڪاسائين جا نخرا ختم ٿي ويا ۽ اڄ گهٽ پئسن تي به جانور ڪِيرائڻ لاءِ تيار آهن.
ڪجهه شهري گوشت کي مسالو لڳائي تيار ڪرائڻ لاءِ دڪانن رخ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪجهه دوستن ۽ عزيزن سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن، دعوتن، چٽ پٽن کاڌن سان دسترخوان سجي ويا آهن، برياني پلاءُ، ڪڙهائي ۽ باربي ڪيو جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.
جتي ڪجهه نوجوانن گرمي کان بچڻ لاءِ واهن، درياهه ڪناري جو رخ ڪري ورتو آهي، اتي وري ٻار ۽ بزرگ گرم ٿڌي آئس ڪريم مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.