ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي اينيمل شيلٽر هوم پهچي زخمي ڏاچي جي علاج معالجي ۽ ٻين سهولتن جو جائزو ورتو.
گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته زخمي ڏاچي کي اينيمل شيلٽر تي بهتر سهولتون ميسر آهن، واقعي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.
سنڌ حڪومت ڏاچيءَ تي ظلم جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ورڪشاپ ۾ جوابدارن فصل جي ڀيل تي ڪهاڙين سان ڏاچيءَ جي ڄنگهه وڍي وئي هئي.
زخمي ڏاچي کي علاج لاءِ ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ منتقل ڪيو ويو هو، واقعي بعد سانگهڙ پوليس 6 جوابدار گرفتار ڪري چڪي آهي، جن مان ٻن ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪيو آهي.
KamranTessori pakistan sindhgovt
					You might also like