پاڪستان ۾ ايندڙ مالي سال دوران ترقي جي شرح 3 سيڪڙو رهندي:فچ ريٽنگز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)عالمي اداري فچ ريٽنگز موجب پاڪستان ۾ ايندڙ مالي سال دوران ترقي جي شرح ٽي سيڪڙو رهندي.

فچ ريٽنگز طرفان هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ مالي سال دوران مهانگائي جي شرح 12 سيڪڙو ۽ وياج جي شرح 16 سيڪڙو رهندي.

فيبروري ۾ عام چونڊن بعد پاڪستان جي ادائيگين جي صورتحال مسلسل بهتر ٿي رهي آهي.

عالمي اداري طرفان ٻڌايو ويو آهي ته برآمدن ۽ درآمدن ۾ ڊي پي جي 0.3 سيڪڙو تائين فرق اچڻ جو امڪان آهي ۽ بهتر زرعي پيداوار به مدد ڪري رهي آهي.

گذريل سال جي ڊي پي جو فرق هڪ سيڪڙو هو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بعد آءِ ايم ايف جي معاهدي جي سٺي اميد آهي.

Pakistan Govt ShahbazSharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.