سنڌ حڪومت جو سولر سسٽم لاءِ بنا وياج قرض ڏيڻ جو اعلان

سکر(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته 30 لک گهرن ۾ بجلي ناهي، انتهائي غريب خاندانن کي پهريان سولر سسٽم ڏينداسين.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته بجيٽ ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته عام ماڻهو جو خيال ڪيو وڃي، اليڪشن دوران جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪري رهيا آهيون.
صوبائي وزير ٻڌايو ته 30 لک گهرن ۾ بجلي ناهي، کين پهريان بجلي فراهم ڪنداسين، انتهائي غريب خاندانن کي هڪ پکو ۽ 3 بلب هلائڻ لاءِ سولر سسٽم لڳائي ڏنو ويندو.
هن چيو ته پيپلزپارٽي کي وفاقي بجيٽ تي خدشا آهن، سنڌ سان گذريل ڏهاڪي ۾ وڏي ناجائزي ڪئي وئي آهي، ٻين صوبن ۾ کربين رپين جا ڪم ڪرايا ويا.
Pakistan Sindhgovt Solarpanels

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.