ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سياست ۾ هميشه ڳالهيون ۽ ناراضگيون ٿينديون آهن.
سيوهڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ن ليگ سان ڪيل معاهدن تي عمل ناهي ٿي رهيو.
هن وڌيڪ چيو ته سياست ۾ ڳالهيون ٿينديون آهن، ناراضگي به هوندي آهي. اسان جون ن ليگ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ملڪ جي بهتري لاءِ فيصلا ڪيا ويندا.
سيد مراد علي شاهه اهو به چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ جي يو آءِ لاءِ عزت آهي.