بابر اعظم سميت ٽيم جا 6 رانديگر واپس نه ايندا

فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سميت ٽيم جا 6 رانديگر وطن واپس نه ايندا.
بابر اعظم، عماد وسيم.محمد عامر،حارث رئوف، شاداب خان ۽ اعظم خان آمريڪا ۾ ئي موجود رهندا.
قومي ٽيم جا ڪجهه رانديگر دبئي کان مختلف اڏامن ذريعي پنهنجي پنهنجي شهرن ڏي روانا ٿيندا.
ياد رهي ته قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي مان ئي ٻاهر ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.