سوشل ميڊيا تي شهرت حاصل ڪندڙ پاڪستاني ڄائي فنڪار چاهت فتح علي خان ”بدوبدي 2“ رليز ڪري ڇڏيو،
چاهت فتح علي خان بدوبدي 2 جو گانو رليز ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيو.
گاني جي وڊيو ۾ چاهت فتح علي خان کي پاڻ ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته وڊيو ۾ هڪ ماڊل جا به ڪجهه ڪلپس ايڊٽ ڪيا ويا آهن.
فنڪار اهو گانو انسٽاگرام ۽ فيسبڪ تي جاري ڪيو، جنهن ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ويوز حاصل ڪري ورتا.
هن پنهنجي گاني جي رليز بعد هڪ وڊيو بيان شيئر ڪندي فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ جو به اعلان ڪيو.
You might also like