رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ گرمي ۽ گرمي پد ۾ واڌاري سبب حج دوران اردن ۽ ايران جا 19 حج پانڌيئڙا اجل جو شڪار ٿي ويا.
اردن جي اختيارين موجب حج جي رڪن جي ادائيگي دوران 14 اردني حج پانڌيئڙا اجل جو شڪار ۽ 17 لاپتا ٿي ويا.
ايراني هلال احمر موجب هن سال مڪي ۽ مديني شريف ۾ هيل تائين پنج ايراني پانڌيئڙا حياتي وڃائي ويٺا آهن.