بلوچستان: اٿل ۾ پوليس وين حادثي جو شڪار، 5 اهلڪار اجل جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي لسبيلا جي علائقي اٿل ۾ ڪوئيٽا، ڪراچي روڊ تي پوليس وين حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار پنج اهلڪار اجل جو شڪار ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

پوليس موبائيل کي هڪ گاڏي ٽڪر هنيو جنهن سبب گاڏي ڪلٽي ٿي پئي ۽ اسڪواڊ جي گاڏي ۾ سوار 3 اهلڪار ٿڏي تي فوت ٿي ويا، هڪ سپاهي اسپتال منتقلي دوران دم ڏنو ۽ ٻئي علاج دوران دم ڏنو.

پوليس جي گاڏي کي ٽڪر هڻندڙ اڻڄاتل گاڏي جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.