اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي مڪمل تجويزن سان بجيٽ فائنل ٿيندو.
فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پ پ جا اعتراض حقي آهن، پر اهو ناهي ته بلڪل مشاورت ناهي ٿي.
هن ٻڌايو ته بجيٽ تجويز هوندو آهي ۽ پارليامينٽ ۾ بحث ٿيندي آهي، پارليامينٽ 30 جون کان پهريان بجيٽ پاس ڪندي، بجيٽ بابت اڃا تجويزون وٺي رهيا آهيون.
وزير اعظم جي صلاحڪار چيو ته 16 مهينن ۾ آءِ ايم ايف جا شرطون سخت هيون، دوست ملڪن جي مدد سان شرطن ۾ نرمي ۾ مدد ملي آهي.
Pakistan RanaSanaullah Budget2024
You might also like