اڄوڪي ڏينهن غزه ۽ ڪشمير جي مسلمانن جي قربانين کي ياد رکيو وڃي:وزير اعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ عيد جي نماز پڙهي، شهباز شريف عيد نماز بعد ملڪتي سلامتيءَ ۽ استحڪام، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي مسلمانن لاءِ به خصوصي دعا ڪئي.
وزير اعظم عيد جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته عيد تي انهن ماڻهن جو خيال رکيو وڃي جيڪي قرباني جي طاقت ناهن رکندا.
شهباز شريف جو چوڻ هو عيد جي ڏهاڙي غزه ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي قربانين کي ياد ڪيو وڃي، اسان سڀن
کي هن مبارڪ ڏينهن تي ٻڌي ۽ اتحاد کي فروع ڏيون ۽ قرباني جي ايثار جي جذبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
Pakistan ShahbazSharif EidulAdha

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.