ڪرم ضلعي ۾ روڊ ڪناري بم ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪرم ضلعي جي ڪوڙم روڊ سينٽرل ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو 1122 موجب زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين کي طبي امداد ڏني وئي پر چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس ٻڌايو ته ضلعي ڪرم ۾ روڊ ڪناري رکيل آءِ ڊي ذريعي بم ڌماڪو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.