چيني شهرين جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، دوستي ۾ ڪو ڏار نٿو وجهي سگهي: گهرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته چيني ڀائرن جو تحفظ پاڪستان حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
محسن نقوي اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني ۾ سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن ۽ عملي جي سيڪيورٽي پلان تي بريفنگ ڏني وئي، چيني سفير به سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
محسن نقوي چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ گڏيل ۽ اثرائتا ضابطا جوڙيا ويا آهن، اسلام آباد ۾ پرڏيهي شهرين لاءِ الڳ فورس ايس پي يو ٺاهي پئي وڃي.
هن چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ چيني ڀائرن جو تحفظ پاڪستان حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪوشش آهي ته ڪنهن به چيني شهري کي رهنڊ به نه اچي.
سندس چوڻ هو ته پاڪ – چين لازوال دوستي ۾ ڪو ڏار نٿو وجهي سگهي، ڪنهن سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

mohsinnaqvi pmln cpec

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.