ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊي ايڇ اي ڪراچي آلودگي جو سبب بڻجندڙ پلاسٽڪ جي ٿيلهين مان روڊ ٺاهي ورتو.
ڊي ايڇ اي فيز 8 خيابان اتحاد ۾ پهريون ڀيرو تجرباتي طور تي 300 ميٽر ڊگهي ۽ 9.3 ميٽر ويڪري روڊ جي تعمير ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين مان حاصل ٿيل 2.5 ميٽرڪ ٽن مٽيريل استعمال ڪيو ويو.
پلاسٽڪ مٽيريل جي ليبارٽري ۾ ڇهن مهينن تائين جانچ پڙتال ڪئي وئي، گذريل ٻن مهينن جي ٽرائل دوران هيوي ٽريفڪ گذرڻ باوجود روڊ جي ساڳي صورتحال برقرار رهي.
ڊي ايڇ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر انجنيئرنگ نويد الرحمان جو چوڻ آهي ته پائلٽ پراجيڪٽ جي ڪاميابي بعد مستقبل ۾ ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي ٻين روڊن کي به پلاسٽڪ روڊن ۾ تبديل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي مڪمل طور تي ڳڙڻ لاءِ 10 سال کان هڪ هزار سال جو وقت گهربل هوندو آهي.
Karachi DHA Roads
You might also like