سيالڪوٽ ۾ شاهاڻي شادي، پرڏيهي ڪرنسي، موبائل فونز ۽ وَڳن جي برسات

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) گهوٽ جي ڀائرن شادي تي لکين رپين جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي، موبائل فونز ۽ وڳن جي برسات ڪري ڇڏي.
سيالڪوٽي نوجوان جي شادي شاهي شادي کي به پوئتي ڇڏي ڏنو، ڊلوالي ۾ 27 ورهين جي گهوٽ جي ڄڃ نڪتي ته ڀائرن ۽ سئوٽن شهرين تي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي، موبائل فونز ۽ مرداڻن ۽ عورتاڻن وڳن جي برسات ڪري ڇڏي.
شهر ۾ ٽرڪ هلندي رهي، گهوٽ جا ڀائر پئسو اڏائيندا رهيا، موبائل فونز به ڦٽو ڪندا رهيا، گهوٽ هار به پرڏيهي ڪرنسي جو پاتو.
گهوٽ جي ڀاءُ مبشر دعويٰ ڪئي ته شادي تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرنسي ۽ ٻيون شيون ورهائي خوشي ملهائي آهي.

sialkot punjab pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.