مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ کانپوءِ شاعر احمد فرهاد کي آزاد ڪيو ويو.
آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ احمد فرهاد جي ٻه لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي هئي.
احمد فرهاد گذريل مهيني اسلام آباد مان گم ٿيو هو، جنهن کانپوءِ آزادي لاءِ سندس گهرواري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
پوءِ آزاد ڪشمير پوليس شاعر جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي.
ahmadfarhad muzaffarabad islamabadhighcourt