پاڪستاني ايٿليٽ ايشين ٿروئنگ چيمپيئن شپ ۾ ميڊل کٽي ورتو

پاڪستاني ايٿليٽ محمد ياسر ٻي ايشين ٿروئنگ چيمپيئن شپ ۾ چاندي جو ٻلو کٽي ورتو آهي.
پاڪستان ايٿليٽ فيڊريشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڪوريا ۾ ٿيل ٻي ايشين ٿروئنگ چيمپيئن شپ ۾ سريلنڪا 85.45 ٿرو اُڇلائي پهرين جڏهن ته پاڪستان 78.10 ميٽر ٿرو اُڇلائي ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي.
سريلنڪا 77.57 ميٽر ٿرو اڇلائي ۽ جپان 77.25 ميٽر ٿرو اڇلائي ترتيبوار ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي رهيا.
چيمپيئن شپ ۾ ايشيائي ملڪن جي ايٿليٽ حصو ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.