ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ۾ ظالم وڏيري هٿان بي زبان اٺ تي وحشياڻي ظلم خلاف وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو.
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽوئيٽر تي پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
شرجيل ميمڻ لکيو ته اٺ مالڪ ۽ جوابدارن ۾ مامرو حل ٿي ويو هو، جڏهن ته جانور سان اهو عمل انساني طور تي ناقابل قبول آهي، تنهن ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ياد رهي ته سانگهڙ ۾ ظالم وڏيري پنهنجي فصل ۾ داخل ٿيڻ تي اٺ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي هئي.
CMSindh Pakistan Sanghar
You might also like