ڪامران ٽيسوري پاران اُٺ مالڪ کي 2 اُٺ ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سانگهڙ ۾ ظالم وڏيري هٿان اٺ تي وحشياڻي ظلم بعد مالڪ کي 2 اٺ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته فصل ۾ داخل ٿيڻ سان اٺ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏڻ انسانيت ناهي، اٺ جي ڄنگهه ڪٽي غريب شخص جي روزي کسي وئي آهي.
ڪامران ٽيسوري اٺ مالڪ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پوليس واقعي جي اصل ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ سانگهڙ وڃي متاثر شخص کي 2 اٺ ڏيندس.
KamranTessori Sindh Sanghar

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.