خيرپور ناٿن شاهه: ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت

خيرپور ناٿن شاهه ( ويب ڊيسڪ ) خيرپور ناٿن شاھه ۾ ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
انڊس هاءِ وي باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ شريفان کوسو، بهرام کوسو، حوا خاتون ۽ حسينا کوسو سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد فوتين جا لاش تعلقه اسپتال ۽ زخمين کي لاڙڪاڻي نيو ويو.
حادثي جي شڪار خاندان جو تعلق شڪارپور جي ڳوٺ پير بخش کوسو سان ٻڌايو پيو وڃي، جن سان درگاھه ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي درگاھه تان واپسي ايندي حادثو پيش آيو .
حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.