هارٽ اٽيڪ کان ڪيئن بچجي؟ نئين جينياتي ٽيسٽ متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هارٽ اٽيڪ کان بچڻ لاءِ آمريڪي ڊاڪٽرن نئين جينياتي ٽيسٽ متعارف ڪرائي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي طبي ماهرن چيو آهي ته پولي جينڪ  (  Polygenic Risk )نالي ٽيسٽ ذريعي مريضن ۾ دل جي مرض جي نشاندهي عمر جي شروعاتي حصي ۾ ڪري سگھبي.

طبي ماهرن جو چوڻ هو ته ٽيسٽ ۾ مريض جي ويجهن مائٽن جي ميڊيڪل رڪارڊ جو تجزيو ڪيو ويندو ۽ رپورٽ ذريعي مريض ۾ دل جي دوري جي خطري جو اندازو لڳائي سگھبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.