ايلون مسڪ ڪمپني جي اڳوڻن ملازمن کي وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ايلون مسڪ جي ڪمپني ايڪس آسٽريليا سان واسطو رکندڙ ڇهه اڳوڻن ملازمن کي غلطي سان ڏنل رقم جي واپسي جي هدايت ڪري ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪمپني طرفان وڌيڪ ادائيگين جي وصولي لاءِ قانوني ڪارروائي جي به ڌمڪي ڏني وئي آهي.

اصل ۾ اهو مسئلو آمريڪا ڊالر مان آسٽريلوي ڊالر ۾ ڪرنسي جي تبديلي سبب سامهون آيو، ڪمپني جي ايشيا پيسيفڪ ايڇ آر ڊپارٽمنٽ جي اي ميلز ٻڌائن ٿيون ته جنوري 2023ع ۾ في ملازم 1500 کي 70 هزار آمريڪي ڊالر جون وڌيڪ ادائيگيون ٿيون.

رپورٽ موجب اهي وڌيڪ ادائيگيون انڪري ٿيون ته ايلون مسڪ جي ڪمپني ڪرنسي تبديلي جي غلط شرح استعمال ڪئي، جيڪا اصل قيمت کان 2.5 ٻيڻي هئي.

آسٽريلوي قانون موجب غلطي سان مليل ڪنهن شين کي واپس ڪرڻو پوندو آهي.

ان کان علاوه نئين اڳڀرائي سامهون آئي آهي ته هينئر ڪمپني جا آمريڪا ۾ ترسيل اڳوڻا ڪيترائي ملازمن پنهنجون رهتون حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن.

elonmusk technology Tesla

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.