ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) سنڌ حڪومت پاران سارين جي پوکي تي پابندي هجڻ باوجود پوکي جي اطلاع تي انتظاميا ڪارروائي ڪري مختلف علائقن ۾ ٻيجاري کي ڦوهاري ذريعي ختم ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن ڪارروايون ڪيون.
گهوٽڪي، خانڳڙه، ميرپور ماٿيلو ۽ ڏهرڪي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن مختلف علائقن مان سارين جي ٻيجاري کي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي.