اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ڪنهن کي سٺو لڳي يا بُرو، پي ٽي آءِ چونڊون کٽي چڪي هئي، همت سان چوڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ باني جي جماعت عام چونڊون کٽي وئي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ٽي آءِ باني سان گهرا ۽ سياسي لاڳاپا رهيا، ملڪ ڏکين حالتن ۾ آهي، سڀني تي لازمي آهي ته ملڪ کي ان بحراني ڪيفيت مان ڪڍون.
هن چيو ته اسان سڀني کي پنهنجا ڏوهه مڃڻ گهرجن ۽ واعدو ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان کي آئين تحت هلائينداسين، سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ ڪيئن هلائڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جمهوريت بنا اڳتي نه وڌندو، اسان کي ڳالهين ۾ رڳو ايترو چوڻو آهي ته توهان ايترا سال ڳڙٻڙ ڪئي، هاڻ پوئتي هٽي وڃو.
mehmoodkhanachakzai imrankhan pti