ڪراچي (پ ر) 2023 ۾ انساني حقن جي صورتحال تي انساني حقن بابت پاڪستان جي ڪميشن جي سالياني رپورٽ ۾ سنڌ ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي ذڪر آهي، خاص طور تي اسٽريٽ ڪرائم ( ان قسم جا 11 سيڪڙو ڏوهه ڪراچي ۾ ٿيا) ۾ واڌ ۽ اغوا جي واقعن جي رد عمل ۾ سنڌ پوليس، فوج ۽ رينجرز جي مدد سان ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي شروع ڪئي.
شهري آزادين ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري رهيو. 9 مئي جي فسادن دوران ڪيترن ئي سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي نقصان پهتو. رياست جي حد کان وڌيڪ سخت ڪريڪ ڊائون ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل سميت پي ٽي آءِ جي 25 کان وڌيڪ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. سياسي ڪارڪنن، قوم پرستن، وڪيلن ۽ صحافين جون جبري گمشدگيون بنا رنڊ روڪ جاري رهيون. 2023 دوران ان قسم جا 175 ڪيسز مختلف ضلعن مان رپورٽ ٿيا. هڪ ٻئي واقعي ۾ سڪرنڊ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ عدالت کان مٿانهين ڪارروائي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿيا.
سنڌ ۾ ڪمزور طبقن جي حقن جي ڀڃ ڪڙي ۾ به واڌ ٿي، غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جي وفاقي حڪومت جي حڪم نامي کانپوءِ ويهارو کن افغان پناهگيرن ۽ پرڏيهين کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو. بدقسمتي سان سنڌ ۾ ان معاملي تي سول سوسائٽي واضح طور تي ورهايل هئي، جتي سول سوسائٽي جو هڪ وڏو حصو هن سرڪاري پاليسي جي تائيد ڪري رهيو هو. عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جو مسئلو بدستور موجود رهيو. 2023 دوران ٻارن سان زيادتي جا گهٽ ۾ گهٽ 546 واقعا رپورٽ ٿيا. پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪجي ته بي هنر مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32000 هزار رپين تائين وڌائي وئي پر ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو. مذهبي اقليتن، خاص طور تي هندن ۽ احمدين جي عبادتگاهن تي حملا ۽ مذهب جي جبري تبديلي جا اطلاع به ملندا رهيا جڏهن ته متاثر اقليتي برادريون انهن زيادتين جي خاتمي لاءِ اڪثر احتجاج ڪندي نظر آيون.
هڪ هاڪاري اڳڀرائي ۾، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمون ٿيون، جن جي نتيجي ۾ ميئرز ۽ ميونسپل ڪارپوريشنز جي سربراهن جي اختيارن ۾ واڌ ٿي. ٻي وڏي ترميم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مڪاني ڪائونسلن ۾ خواجا سرائن لاءِ مخصوص سيٽن لاءِ رستا کليا ۽ اهڙي ريت هن طبقي جي نمائندگي، اهميت ۽ حقن کي هٿي ملي. رياست سنڌ جي ڪمزور طبقن جي بنيادي حقن جي حفاظت ۽ امن امان جي بحالي لاءِ منظم ڪوششن ۾ وڌيڪ دير نه ڪري.