ايلون مسڪ ايڪس جو لائيڪ سيڪشن پرائيويٽ ڪري ڇڏيو

مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ جي مالڪ ايلون مسڪ تصديق ڪئي آهي ته ايڪس تي واهپيدارن جي لائيڪ کي پرائيويٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ايڪس جا واهپيدار ان ڳالهه کان واقف آهن ته هر واهپيدار جي پروفائيل ۾ هڪ سيشن آهي، ان ۾ جنهن واهپيدار لائيڪ ڪيو هجن، انهن سمورين پوسٽس جو رڪارڊ هوندو آهي.
ايڪس انتظاميا طرفان 2023ع ۾ ايڪس تي پريميئم واهپيدارن لاءِ سيڪشن لڪائڻ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻي ان کي سمورن واهپيدارن لاءِ آندو پيو وڃي.
هونئن ته واهپيدار هڪٻئي جي لائيڪس جا سيڪشن نه ڏسي سگهندا پر اهو ضرور ڄاڻي سگهندا ته انهن کي پنهنجي پوسٽ کي ڪنهن ڪنهن لائيڪ ڪيو آهي يا انهن پاڻ ڪنهن جي پوسٽس کي لائيڪ ڪري رکيو آهي.
اهو فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو مقصد ٻڌائيندي ايلون مسڪ چيو ته اها وڏي تبديلي آهي، جنهن سان واهپيدار ڪنهن پوسٽ کي بغير ڪنهن ڊپ جي لائيڪ ڪري سگهندا.
ElonMusk Likesection private

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.