”ڪيڏو ته سهڻو آهي“ اروشي بعد سونم باجوا به نسيم شاهه کي دل ڏئي ويٺي

پاڪستاني بالر نسيم شاهه جي دريا دلي ۽ نرم مزاجي تي ڀارتي پنجابي اداڪارا ۽ ماڊل سونم باجوا به نسيم شاهه کي دل ڏئي ويٺي.
9 جون تي نسائو ڪائونٽي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 19 هين مئچ ۾نسيم شاهه ڀارت خلاف شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، پر ان باوجود مئچ ۾ شڪست تي واپس ويندي هن کي روئندي به ڏٺو ويو، جنهن بعد کيس مداحن بي حد پيار ڏنو.
پاڪستاني فينز ۽ فنڪارن طرفان نسيم شاهه جي تعريف جو سلسلو جاري آهي اتي وري ڀارت ۾ نيشنل ڪرش سڏي ويندڙ سونم باجوا نسيم شاهه بابت انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي.
سونم باجوا پنهنجي اسٽوري ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان وائرل ٿيندڙ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ بابر اعظم هڪ ننڍڙي فين کي آٽُوگراف ڏيڻ کان انڪار ڪندي لفٽ ۾ سوار ٿي اتان نڪري ويندي نظر آيو ۽ فين روئڻ لڳو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان ٻار کي روئندي ڏسي نسيم شاهه پريشان ٿي ويو ۽ ٻار وٽ پهچي آٽُوگراف ڏيندي سيلفي ٺاهي روئندڙ ٻار کي چيو ته ”بابر اعظم جو به آٽو گراف ڏئي رهيو آهيان“
جتي اها وڊيو سوشل ميڊيا واهپيدارن جون دلون کٽيندي نظر آئي اتي وري سونم باجوا به ان تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته ”نسيم شاهه گهڻو دل کي ڀائيندڙ ۽ سهڻو آهي”.
ياد رهي ته سونم باجوا کان پهريان ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل اروشي روٽيلا به نسيم شاهه تي فدا آهي ۽ گهڻو ڪري سوشل ميڊيا تي به سندس تعريف ڪندي نظر ايندي رهندي آهي.
SonamBajwa NaseemShah PakistanCricketer

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.