سنڌ جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي.
ذريعن موجب سنڌ جي مجموعي بجيٽ جو ڪاٿو 2300 ارب رپيا هجڻ جو امڪان آهي ۽ ترقياتي بجيٽ 257 اربن کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ پ پ جي چونڊ منشور تي فوڪس هوندو، صاف پاڻي جي فراهمي جي منصوبن تي وڏي رقم رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته بجلي 300 يونٽن تائين مفت ڪرڻ جي تجويز تي عملدرآمد ڪرائڻ تي زور ڏنو ويندو.
ذريعن موجب نين ترقياتي اسڪيمن بدران جاري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ محدود نيون ترقياتي اسڪيمون آڻڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

muradalishah cmsindh ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.