اعظم خان ذهني طور عالمي ڪرڪيٽ لاءِ تيار ئي نه آهي: محمد حفيظ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ چيو آهي ته هو جڏهن ٽيم جو ڊائريڪٽر هو تڏهن وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان کيس مايوس ڪيو.
پنهنجي بيان ۾ محمد حفيظ چيو ته هن ماضي ۾ اعظم خان جي فٽنس جي حوالي سان بورڊ ۽ سندس ذاتي ٽرينر کي ڪم ڪرڻ تي راضي ڪيو پر هو اعظم خان ۾ ڪا به تبديلي نه آڻي سگهيا.
هن چيو ته پوري ٽيم کي جتي ٻه ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻ لاءِ ڏهه منٽ لڳندا، اتي اعظم خان کي ويهه منٽ لڳي ويندا.
پي سي بي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اعظم خان پاڻ عالمي ڪرڪيٽ بابت سنجيدا سوچ جو مظاهرو ناهي ڪري رهيو.
محمد حفيظ وڌيڪ چيو ته سندس خيال ۾ اعظم خان عالمي ڪرڪيٽ لاءِ تيار ئي نه آهي.

MohammadHafeez Pakistancricketteam T20Worldcup2024 AzamKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.