ورلڊ ڪپ: آمريڪا خلاف ڀارت جي فتح پاڪستان جي سپر 8 مرحلي ۾ پهچڻ جي اميد جاڳائي ڇڏي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ گذريل ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت آمريڪا کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
ڀارت آمريڪا جو 111 رنسن جو هدف ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 19 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو جنهن ۾ سوريا ڪمار ياديو 50 شيوم دوبي 31 رنز ٺاهي ناقابلِ شڪست رهيا.
ڀارت جي آمريڪا خلاف ڪاميابي سان ئي پاڪستان جي سپر ايٽ ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي هڪ رنڊڪ ختم ٿي وئي آهي.
پاڪستان عالمي ڪپ ۾ ٽي ميچون کيڏيون آهن جنهن ۾ رڳو ڪئناڊا خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پاڪستان لاءِ سپر ايٽ جو رستو مشڪل ضرورت آهي پر ناممڪن ناهي.
گروپ اي جي ٽيمن جا هيٺ ڏنل نتيجا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان جي ڪواليفاءِ کي يقيني بڻائيندا.
14 جون، آمريڪا مقابلو آئرلينڊ پاڪستان کي آئرلينڊ جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪرڻي پوندي.
15 جون ڪئناڊا مقابلو ڀارت، پاڪستان کي ڀارت جي ڪاميابي گهربل هوندي.
16 جون پاڪستان مقابلو آئرلينڊ، ان ميچ ۾ پاڪستان کي فتح حاصل ڪرڻي پوندي.
جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل سمورين ميچن جا اِهي ئي نتيجا آيا جيڪي لکيا ويا آهن ته پاڪستان جون چئن ميچن ۾ چار پوائنٽس ٿينديون، ڀارت وٽ اٺ ۽ آمريڪا ۽ پاڪستان جون پوائنٽس برابر هونديون.
گروپ ۾ مرحلي جي پڄاڻي تي ڪئناڊا ۽ آئرلينڊ جون ٻه، ٻه پوائنٽس هونديون.
ان باوجود پاڪستان کي آئرلينڊ خلاف پنهنجي نيٽ رن ريٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڏي مارجن تان فتح حاصل ڪرڻي پوندي ڇو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا پوائنٽس برابر هوندا انڪري نتيجي لاءِ نيٽ رن ريٽ جو استعمال ڪيو ويندو.
وڌيڪ اِهو ته گرين شرٽس ۽ پاڪستاني شوقينن کي اميد ڪرڻ گهرجي ته آمريڪا ۽ آئرلينڊ جي ميچ ۾ آمريڪا نه کٽي ميچ ۾ برسات جو امڪان پڻ آهي جيڪڏهن برسات سبب ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي ته آمريڪا کي هڪ پوائنٽ ملندي ۽ پاڪستان جو عالمي ڪپ جو سفر تمام ٿي ويندو.

T20Worldcup2024 PaksitanCricketteam Rain IndiavsUSA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.