پنجاب جي 5 هزار 446 اربن جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 25 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ پيش ڪئي وئي.
بجيٽ تقرير ڪندي پنجاب جي ناڻي واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان چيو ته اڄ هن حڪومت جي پهرين ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۾ ترقي جي شروعات ٿي چڪي آهي، وزير اعليٰ مريم نواز مهانگائي جي مسئلي تي خاص ڌيان ڏنو آهي.
هن چيو ته بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 5 هزار 446 ارب رپيا آهي، ڪُل آمدني جو ڪاٿو 4 هزار 643 ارب 40 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي، 842 ارب رپيا ڊيولپمينٽ خرچ تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سالياني ڊيولپمينٽ پلان ۾ 77 نوان ميگا پراجيڪٽ شامل هوندا.
سندس چوڻ هو ته موجوده روينيو هدف 960 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو، 960 ارب روينيو صوبو پنهنجي ذريعن سان گڏ ڪندو، گهٽ کان گهٽ اجرت 32 هزارن مان وڌائي 37 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي مفت سولر سسٽم فراهم ڪنداسين.
مجتبيٰ شجاع الرحمان چيو ته ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو هاري دوست پيڪيج متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هڪ ارب 25 ڪروڙن جي لاڳت سان سڄي صوبي ۾ ماڊل ايگريڪلچر مالز جو قيام، ٻه ارب جي لاڳت سان لائيو اسٽاڪ ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ هارين کي ڊيري فارمنگ لاءِ آسان قسطن تي قرض ڏنا پيا وڃن.
بجيٽ جا اهم نڪتا
• بجيٽ جو ڪاٿو 5 هزار 446 ارب رپيا
• بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي، نه ئي موجوده ٽيڪسن جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي
• روينيو هدف 960 ارب رپيا مقرر
• 842 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ لاءِ مختص
• صوبائي ملازمن جي پگهارن ۾ 20 کان 25 سيڪڙو واڌ
• پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري
• صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار مقرر ڪرڻ جي تجويز
• ٻه ارب 50 ڪروڙ جي لاڳت سان انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام شروع
• ٽيڪسٽائل صنعت کي هٿي لاءِ 3 ارب جي لاڳت سان گارمنٽ سٽي جو قيام
• صحت جي شعبي لاءِ 539 ارب 55 ڪروڙ رپيا مختص
• 49 اربن جي لاڳت سان پنجاب جي 5 وڏن شهرن ۾ ماحول دوست بس سروس جي شروعات
• 45 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ايئر ايمبولينس سروس جي شروعات
• سوشل پروٽيڪشن لاءِ 130 ارب رپيا مختص

maryamnawaz budget2024 punjab

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.