گڏاپ: خالي پلاٽ مان نينگر جو 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ

گڏاپ (ويب ڊيسڪ) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد مان نينگر جو 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو آهي.
لنڪ روڊ وٽ ٽينٽ سٽي ويجهو خالي پلاٽ مان 7 ورهين جي نينگر عامر پٽ ممتاز جو لاش مليو.
اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش کڻائي قانوني ڪارروائي کانپوءِ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جي موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سامهون ايندو.

gadap malir sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.