اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت وفاقي بجيٽ ۾ موبائل فونز تي برابر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
بجيٽ دستاويز موجب برابر ٽيڪس ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته سڀني کي برابر موقعا ملن ۽ مارڪيٽ فورسز اثرائتي طريقي سان ڪم ڪري سگهن.
بجيٽ دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت موبائل فونز جي مختلف قسمن تي سيلز ٽيڪس جي برابر شرح لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
حڪومت موبائل فونز کي 18 سيڪڙو جي برابر شرح تي ٽيڪس ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
بجيٽ دستاويز موجب ايندڙ سال موبائل فون تي ڊيوٽي جي مد ۾ 24 ارب 81 ڪروڙ رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
Budget2024 pmln mohammadaurangzeb