نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ڪئناڊا کي هارائي ڇڏيو، آئرلينڊ کي هارائي سپر ايٽ مرحلي ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم پنهنجي ٽين ۽ اهم ميچ نيويارڪ ۾ ڪئناڊا خلاف کيڏي جنهن ۾ ڪئناڊا کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏني.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي حارث رئوف چيو ته ڪوشش آهي ته غلطين کي ٺيڪ ڪريون، سٺي ڪرڪيٽ کيڏون، انجري کانپوءِ پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان.
هن چيو ته نيويارڪ ۾ بيٽرز لاءِ صورتحال آسان ناهي، ٽيم ڪنهن ٻي ميچ بابت ناهي سوچي رهي ايندڙ مرحلي ۾ نه پهچي سگهياسين ته ناڪامي جي ذميواري قبول ڪنداسين.
You might also like