بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت وڏو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزير بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڌيڪ 5 لک گهراڻن کي شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته بي آءِ ايس پي ۾ 27 سيڪڙو واڌ کانپوءِ رقم 597 ارب مختص ڪري رهيا آهيون.
هن اعلان ڪيو ته ڪفالت پروگرام تحت حقدارن جو انگ 9.3 ملين مان وڌائي 10 ملين ڪيو پيو وڃي، تعليمي وظيفن جي پروگرامن ۾ وڌيڪ 10 لک ٻارن جي داخلا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ انهن جو انگ 10.4 ملين ٿي ويندو.

bisp budget2024 ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.