لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعليٰ پنجاب کي جعلي ۽ غير معياري دوائن کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي صحت کاتي جي اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن دوا جعلي نڪتي ته صحت کاتي جو لاڳاپيل آفيسر ذميوار هوندو جعلي ۽ غيرمعياري دوا وڪرو ڪندڙن کي ڏنڊ، قيد ۽ ڪاروبار سيل ڪرڻ جون سزائون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مريم نواز چيو ته ضمير کي جڳائڻو ۽ نيتن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، خدا جو خوف ڪرڻو پوندو، نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هر سطح تي جزا ۽ سزا کي شامل ڪرڻو پوندو.
وزيراعليٰ پنجاب دوائن جي دڪانن جي جديد ٽيڪنالوجي ذريعي نگراني جي هدايت ڪندي چيو ته دوا، صفائي، ڊاڪٽر، طبي عملي ۽ علاج تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، عوام کي پتو هئڻ گهرجي ته صحت ۽ علاج جي نظام ۾ تبديلي آئي آهي.
You might also like