اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف بجيٽ بعد ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب مسلم ليگ ن ۽ اتحادي جماعتن مان سينئر سياسي اڳواڻن کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف نئين ڪابينا ميمبرن جي شموليت لاءِ ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ انهن هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي کي ڪابينا جو حصو بڻجڻ جي دعوت ڏني آهي.
ان حوالي سان وفاقي وزير احسن اقبال کي اهم ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت کي ڪابينا جو حصو بڻائڻ ۽ وزارتن بابت صلاح مشورا جاري آهن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته قيادت جي فيصلي بعد پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي اجلاس ۾ اهو معاملو رکيو ويندو، سي اي سي جي توثيق بعد ڪابينا ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويندو.
وزير اعظم شهباز شريف جي صدر مملڪت سان ملاقات بعد وفاقي وزير احسن اقبال به متحرڪ آهي.
ذريعن موجب احسن اقبال ان معاملي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا سان رابطو ڪيو آهي.
Pakistan Govt FederalCabinet
You might also like