آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بابر اعظم جي ترقي

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) نئين ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بيٽنگ ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جو پهريون نمبر آهي، انگلينڊ جي فل سالٽ جو ٻيو نمبر آهي جڏهن ته بابراعظم هڪ درجو ترقي کانپوءِ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
ان کانسواءِ محمد رضوان هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ چوٿين نمبر تي هليو ويو جڏهن ته انگلينڊ جي جوش بٽلر ٻه درجا ترقي ڪندي پنجين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالنگ رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جو پهريون نمبر آهي، سريلنڪا جي وانندو هسارنگا جو ٻيو، افغانستان راشد خان چار درجا بهتري کانپوءِ ٽِين پوزيشن تي اچي ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي اينرڪ نورٽجي چوٿين، افغانستان جي فضل الحق فاروقي ڇهه درجا بهتري کانپوءِ پنجين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ٽي ٽوئنٽي ٽاپ ٽين بالرن ۾ پاڪستان جو ڪو به بالر شال ناهي، شاهين شاهه آفريدي هڪ درجو وڃائڻ بعد 12 هين نمبر تي هليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.