ميرپورماٿيلو: شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جوابدار جي سڃاڻپ ڪري ورتي

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلي جي عدالت ۾ اڄ گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي پوليس پاران پيش ڪيو ويو جتي ڪيس ۾ فريادڻ جوابدار جي سڃاڻپ ڪري ورتي.

عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڪيس جي فريادڻ مسمات پٺاڻي سندس سڃاڻپ ڪئي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like