اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪلر ڪهار ۾ سيمينٽ مڪسچر واري ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حادثو موٽر وي سالٽ رينج ۾ پيش آيو، جنهن ۾ سيمينٽ مڪسچر ٽرڪ جي بريڪ فيل ٿي وئي ۽ اها بي قابو ٿي سامهون ايندڙ ڪار سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۽ ٽرڪ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب ٻنهي گاڏين ۾ سوار سمورا ماڻهو فوت ٿي ويا.
اطلاعن موجب ڪار لاهور کان اسلام آباد اچي رهي هئي، جنهن ۾ هڪ ئي فيملي سوار هئي، جن ۾ ٻه مرد، هڪ عور ت ۽ هڪ ٻار شامل آهن، جڏهن ته ٽرڪ ۾ ٻه ڄڻا سوار هئا.
islamabad rawalpindi pakistan