رتيديري ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 5 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان رتيديري شهر ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
رتيدري شهر جي جلباڻي محلي ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب دڪان مالڪ فرحان جوڻيجو، وسيم اوڍاڻو، اويس سومرو، بلاول نوناري ۽ عبدالعزيز سومرو سڙي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ حيدرآباد ۽ ڀٽ شاهه ۾ به سلينڊر ڦاٽڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن.

ratodero larkana sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.