اوٻاوڙي جي ڪچي ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ پراڻي تڪرا تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو.
پراڻي تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌرين هڪٻئي مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، سخت فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڌر جو نوجوان ياسين شر موقعي تي مارجي ويو ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن سبب وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو آهي.
هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته واقعو ڪچي جي نوگو ايريا ۾ پيش آيو آھي، جلد وڏي نفري گھرائي واقعي واري ھنڌ پھچي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ghokti sukkur sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.