وڏي وزير جو غير تربيت يافته گارڊن کي هٿيار ڏيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غير تربيت يافته گارڊز کي هٿيار ڏيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ سان نوجوان مارجڻ جو وڏي وزير نوٽيس ورتو.
هن هدايت ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اهڙا واقعا تڪليف ڏيندڙ ۽ برداشت جوڳا ناهن.
واضح رهي ته نارٿ ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ سان ڪچرو کڻندڙ نوجوان مارجي ويو هو.

muradalishah cmsindh ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.